اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان و??يڪ خيبرپخت??نخ??ا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 151 فوتگيون ٿيون جنهن مان 60 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 480 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن و??ن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 73 سيڪڙو، لاهور ۾ 73 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 62 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 73 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن و??ن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت و??رن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 70 سيڪڙو، صوابي ۾ 67 سيڪڙو، مردان ۾ 65 سيڪڙو ۽ سوات ۾ 60 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 57 هزار 13 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 716، پنجاب ۾ 26 هزار 338، خيبرپخت??نخ??اهه ۾ 8 هزار 261، اسلام آباد ۾ 5 هزار 651، بلوچستان ۾ 929 گلگت بلتستان ۾ 241، آ??اد ڪشمير ۾ 877 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 7 لک 8 هزار 193 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آ??اد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 689 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 89 هزار 838 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 15 هزار 711 آهي.