اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي صحافي ۽ انساني حقن جي ڪارڪن آءِ اي رحمان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو ??ظهار ڪندي چيو آهي ته صحافت ۽ انساني حقن جي شعبي ۾ مرحوم جون خدمتون ياد رکيون وينديون. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن آءِ اي رحمان جي لاڏاڻي تي گهري ??ک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو، صدر پاڪستان ۾ انساني حقن جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي ساراهيو.