اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ٻئي گڏجي جم??ور??ت کان بهترين انتقام وٺي رهيا آهن، پئسي سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پوءِ جم??ور??ت جي پويان لڪي ويندا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پارٽين تي قبضو ڪندڙ ايترا اهل ۽ لائق هجن ها ته ڪارڪن جي طو?? تي پارٽي ۾ اچن ??ا. موروثي سياست ڪندڙ پنهنجي ٻارن کي قوم مٿان مڙهڻ چاهين ٿا. هن چيو ته عوام انهن جي دوکي ۾ نه ايندي، اهي چاهين ٿا ته لُٽ مار جو اهو ڪاروبار انهي طرح جاري رهي. قوم کي فيصلو ڪرڻو آ??ي ته ڪرپشن جي انهن فرنچائيز جو خاتمو ڪرڻو آهي يا کين لُٽڻ جو لائسنس ڏيئڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته محمد نواز شريف جيڪڏهن ووٽ جي عزت تي يقين رکي ها ته پاڪستان ۾ هجي ها، مولانا فضل الرحمان پنهنجي پٽ کي پنهنجي گادي جي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي.