اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته انتظاميه ضروري شين جي مقرر ڪيل ريٽ لسٽ تي عملدرآمد يقيني بڻائي، آفيسر غريبن جي تڪليفن جو احساس ڪن. وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي وز??رن، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي، وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس جي دوران صوبن جا چيف سيڪريٽري به موجود هئا. وز??راعظم کي پنجاب جي فوڊ واري سينئر صوبائي وز??ر پاران ٻڌايو ويو ته سندس هدايت موجب پنجاب حڪومت فلور ملز کي 7 جولاءِ 2020ع کان ڪڻڪ فراهم ڪري رهي آهي، وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته هيستائين 36 لک ٽن ڪڻڪ 50 ارب روپيا سبسڊي سان جاري ڪئي وئي آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ تي 510 روپيا في مڻ جي حساب سان اضافي بار حڪومت برداشت ڪري رهي آهي ۽ اه?? اضافي بار صارفين تي نه پيو وڌو وڃي، وز??راعظم ناڻي واري وز??ر کي هدايت ڪئي ته موجوده خريداري جي نظام جو جائزو وٺي ۽ فوڊ کاتي جي ذريعي ٿيندڙ اضافي خرچن کي گهٽ ڪرڻ جي مقصد جي لاءِ موثر ڪاروباري ماڊل تجويز ڪري، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽرين وز??راعظم کي ميوون ۽ ڀاڄين جي منڊين جي قيام لاءِ صوبن جي موجوده ر??گو??يٽري ميڪينزم جي باري ۾ آگاهه ڪيو، خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته وز??راعظم جي هدايت کانپوءِ صوبي ۾ 65 آبادگار مارڪيٽون قائم ڪيون ويون آهن، سڄي صوبي ۾ تعلقي جي سطح تي 13 مارڪيٽون قائم ڪيون ويون آهن جنهن جا لائسنس نيلام ٿيا، ان کانسواءِ ٻين جاين تي 23 مارڪيٽون قائم ڪيون ويون، وز??راعظم کي پنجاب زرعي مارڪيٽنگ ر??گو??يٽري اٿارٽي ايڪٽ 2018ع جي موجوده شق ۽ ان کانپوءِ ٿيندڙ ترميمن جي باري ۾ ٻڌايو ويو.