اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اينٽي ريپ (انويسٽيگيشن اينڊ ٽرائل) آرڊيننس 2020ع ۽ تعزيرات پاڪستان (ترميمي) آرڊيننس 2020ع جي اصولي منظوري ڏيندي عورتن، ٻارن ۽ ٻارڙين سان زيادتي ڪندڙن جي لاءِ سزائن ۽ تشريحات سميت موت جي سزا جي شق شامل ڪري ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري ??زي?? کي سرڪاري ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي مقرري بابت قانونن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان رهنمائي وٺڻ جي هدايت ڪئي، وفاقي حڪومت جي قدمن جي ڪري کنڊ ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گذريل 10 ڏينهن ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي، ??يمپورٽيڊ کنڊ 68 رپيا في ڪلو ۽ اٽو 40 ڪلو ٻوري جي قيمت 200 رپين تائين گهٽ ٿي آهي، ڪابينا اڪنامڪ افيئرز ڊويزن واري سيڪريٽري کي جي – 20 تنظيم جي 16 ملڪن کان قرضن جي ري شيڊيولنگ جي لاءِ معاهدو ڪرڻ جي اجازت ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي ??زي?? حماد اظهر ۽ اقتصادي معاملن واري وفاقي ??زي?? خسرو بختيار سان گڏ ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.