ڪابل – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان ۾ دهشتگردي جي ??ازن واقعن جي ڏس ۾ انٽيليجنس معلومات جي مٽ??سٽا ۽ ويجهي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم عمران ان ۽ افغانستان جي ??در اشرف غني خميس ڏينهن هتي صدارتي محل ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ استحڪام جي لاءِ فوري قدمن جي ??لسلي ۾ پنهنجي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان جيڪو پهريون ڀيرو افغانستان جي ??وري تي ڪابل آيو، افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، بين الافغان ا??ن عمل ۽ علائقائي اقتصادي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان افغان حڪومت کي پاڪستان پاران افغانستان ۾ تشدد جي ??اتمي لاءِ تعاون ۽ جنگ بندي جي ??لسلي ۾ پنهنجي ڀرپور حمايت جي ??اطري ڪرائي، وزيراعظم چيو ته هو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته پاڪستان افغانستان جي ڪهڙي طرح جي مدد ڪري سگهي ٿو، هن افغان صدر کي يقين ڏياريو ته هو تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ ڀرپور مدد فراهم ڪندو، وزيراعظم افغانستان ۾ تشدد جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل خيالن جي مٽ??سٽا لاءِ ٻنهي حڪومتن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽين جي قيام جي ??مايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان افغانستان جي ??وري جي ??عوت ڏيڻ تي افغان صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهارڪيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي.