اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت بلوچستان جي پوئتي پيل ڏاکڻين ضلعن لاءِ وڏي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت انهن ضلعن ۾ بجلي، گئس ۽ رستن جي ??هولت جي فراهمي لاءِ ٽي سالن ۾ 600 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا، انهن ضلعن ۾ نيشنل گرڊ ۽ ٻين ذريعن مان بجلي فراهم ڪئي ويندي، جيڪي ماڻهو مهانگي گئس نٿا خريد ڪري سگهن انهن جي ??حساس پروگرام تحت مدد ڪنداسين، پيڪيج تحت 16 نون ڊيمن جي ??عمير سان هڪ لک 50 هزار ايڪڙ ??مي?? آباد ٿيندي، گلگت بلتستان جي ??وام تحريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ان علائقي جي لاءِ به جامع ترقياتي پيڪيج ڏنو ويندو، اندروني سنڌ ترقي جي لاءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪراچي جي لاءِ به پيڪيج ڏنو آهي، پي ڊي ايم جو بيانيو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي، عوام جي مسئلن تي ڳالهين لاءِ اسان جا دروزا کليل آهن پر اين آر او نه ملندو. اطلاعات ۽ نشريات وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات واري وزير مراد سعيد، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن گذريل ڏينهن تربيت جو دورو ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومت جي ??ميداري آهي ته ملڪ ۽ معاشري جي ڪمزور ترين طبقن کي سهارو ڏنو وڃي، هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ڏاکڻين ضلعن جي ??رقي جي لاءِ جيڪو پيڪيج ڏنو آهي ان ۾ اتي جي ??ڀ کان وڏين ضرورتن جو خيال رکيو ويو آهي، اتي جي نوجوان آبادي جو وڏو حصو آهن، اتي زراعت ب?? هڪ وڏو ذريعو آهي جنهن جي لاءِ پاڻي جي ??رورت هوندي ۽ ان جي لاءِ اتي ڊيم ٺاهڻ هڪ ضرورت آهي، انهن علائقن جي مجموعي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهيون.