اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ايئرلائينز پارا?? سعودي عرب ويندڙ مسافرن کان اضافي ڪرايو وص??ل ڪرڻ جي اطلاع تي ڳ??تي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ سعودي عرب ويندڙ پاڪستاني ڀائرن جي لاءِ هر ممڪن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. سعودي حڪومت ڪرونا وائرس جي ڪري سعودي عرب کان ٻاهر پاڪستانين کي 72 ڪلاڪن ۾ سعودي عرب واپس پهچڻ ??ي ڊيڊ لائين ڏني آهي، سعودي عرب ويندڙ سمورن پاڪستانين کان ايئرلائينز جي اضافي ڪرائي وص??ل ڪرڻ جون شڪايتون اچي رهيون هيون جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر هوابازي واري وزير غل??م سرور خان سان رابطو ڪيو ۽ وڌيڪ ڪراين تي ڳ??تي جو اظهار ڪيو.