اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته دنيا ۾ عزت ۽ وقار وڌائڻ جي لاءِ ملڪ کي پنهنجي پيرن تي ب??ها??ڻو پوندو، قرضي قومن جي آزادي متاثر ٿئي ٿي، ٽيڪس جي ادائگي ??انسواءِ اسلامي فلاحي رياست جو قيام ممڪن نه آهي، واپارين سميت ملڪ جو هر طبقو پنهنجي حصي جو ٽيڪس ادا ڪري، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ غريب طبقن جو پورو احساس آهي، حڪومتي قدمن جي ڪري جلد بهتري ايندي، قومن جي زندگي ۾ آسان ۽ مشڪل وقت ايندو رهندو آهي، اسان گڏجي سمورا مسئلا حل ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيڊرل بورڊ آف روينيو جي اهتما?? هيٺ واپارين جي لاءِ ٽيڪس نظام ۾ آسا??ي ۽ سڌارن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.