اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان قائداعظم جي ويزن جي عملي تصوير بڻجي رهيو آهي، ڪرتار پور لنگهه ب??ن المذاهب هم آهنگي جي روشن مثال ۽ پاڪستان جي امن جو پيامبر هج?? جو ثبوت آهي. سيڪولرازم جي نالي تي بڻجندڙ ڀارت اڄ تعصب ۽ نفرت جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، گانڌي ۽ نهرو جو هندستان بدلجندو نظر اچي ٿو ۽ ”??ند??تواستان“ ۾ اقليتن جي بدترين تشدد، ڏاڍ ۽ ستم جو نشانو بڻايو پ??و وڃي.