باڪو – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پائيدار ترقي ۽ استحڪام امن ۽ سلامتي لاءِ ضروري آهن، ڀارتي قدم ڪشميرين جي خودمختياري واري حق تي سڌو سنئون حملو آهي، ڪشمير مسئلو پرامن ۽ منصفاڻ?? حل وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان مسئلي جي پرامن ۽ سياسي حل لاءِ ڪردار ادا ??ري رهيو آهي، پاڪستان پائيدار عالمي ا??ن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ??ندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي غير وابسته تحريڪ جي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.