اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جو نوٽيس وٺي جنهن ۾ هندستاني حڪومت بدترين لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو آهي ۽ بي گناهه ماڻهن کي انساني حقن جي پائمالي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ايوان صدر ?? بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي صدر گيبريلا ڪوئيوس بيرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.