اسلام آباد ??? 07 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان ??موريون پابنديون فوري طور ??ي هٽائڻ ۽ ڪڻڪ جي درآمد ??ي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ??يو آهي، ڪڻڪ ??ي اها درآمد نجي شعبي ذريعي ڪئي ويندي، ڪڻڪ جي درآمد تي لاڳو ڊيوٽي پڻ مڪمل طور تي ختم ڪئي ويندي، ڪڻڪ ۽ اٽي جي ٻاهرئين ملڪ اسمگلنگ جي روڪٿام کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. اهي فيصلا وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ??عليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيا ويا. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اجلاس ۾ فيصلو ??يو ويو ته ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان ??موريون پابنديون فوري طور ??ي هٽايون وينديون ۽ چيڪ پوسٽون ختم ڪيون وينديون.