اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ٽيلي??ون ڪئي ۽ ساڻس ڪراچي ۾ جهاز جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪندي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪ قوم پاران پاڪستاني ڀائرن جي لاءِ ڀرپور حمايت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي صدر ۽ وزيراعظم هڪ ٻئي ??ي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي گڏجي من??ن ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ جي صدر کي پاڪس??ان ۾ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.