اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿيلسيميا ۾ ورتل ٻارن جي لاءِ عوام کي رت جي عطين جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ ٽرا??سپ??رٽ سميت ٻين پابندين جي ڪري ٿيلسيم??ا جو شڪار ٻارن جي لاءِ رت جا عطيا گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي فراهمي ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، ٿيلسيم??ا جو شڪار ٻارن جي لاءِ رت جو عطيو ڏيو ڇو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت هڪ عظيم نيڪيءَ آهي، ٿيلسيم??ا جو شڪار ٻارن جي زندگي جو دارومدار رت جي عطيي تي هوندو آهي، رت جو عطيو ڏيندڙن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف نائن پارڪ ۾ قائم ٿيلسيميا سينٽر جي دوري تي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.