لاهور ?? 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون ٽن مهينن ۾ ڪرايون وينديون. گورنر هائوس لاهور ۾ پارٽي ورڪرز ۽ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چي?? ته هن ڀيري پاڪستان تحريڪ انصاف هيٺين سطح تي مناسب مشاورت کانپوءِ پنهنجي نظرياتي ڪارڪنن کي ٽڪيٽ ڏيندي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثما?? بوزدار، اڳوڻن وفاقي ۽ صوبائي وزيرن سميت ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم چي?? ته آئنده ٽڪيٽس جي نگراني پاڻ ڪندس، هن چي?? ته ماضي ۾ پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي ڪجهه غلطيون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ قيمت ادا ڪرڻي پئي، تنهن هوندي به هاڻي انهن غلطين مان سکنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ انهن سياستدانن کي سبق سيکاريند?? جيڪي غير ملڪي سازش جو حصو بڻيا آه??، هن چي?? ته انهن غدارن ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي کي ختم ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آه?? ۽ اسان انهن غدارن جي خلاف هر قيمت تي ۽ هر فورم تي وڙهنداسين، وزيراعظم اعلان ڪي?? ته اڄ رات عشاءِ جي نماز کانپوءِ ايف نائن پارڪ اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو، هن چي?? ته سازش جو حصو بڻجندڙ عنصرن جي سياست ايندڙ اليڪشن ۾ ختم ٿي ويندي، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان شفقت محمود کي روزاني لاهور ۾ احتجاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه کي به مبارڪباد ڏني.