اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي سان سعودي عرب جي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف بن عبدالعزيز آل سعود ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ گڏيل دلچسپي جي ??ختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ايوان صدر جي ??يڊيا ونگ موجب صدر سعودي گهرو وزير جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي ??اءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. سعودي عرب ۾ پاڪستاني قيدين جي آزادي جي حوالي سان هن اميد ظاهر ڪئي ته سعودي حڪومت پنهنجي سزا پوري ڪندڙ قيدين جي آزادي تي مثبت انداز ۾ غور ڪندي. صدر ”روڊ ٽو مڪه“ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت ان جي توسيع ملڪ جي ??ين شهرن تائين ڪرڻ جي ??نتظر آهي. هن او آءِ سي ۽ ايف اي ٽي ايف جي سطح تي اڻٿڪ حمايت سان گڏوگڏ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ۽ پاڪستان کي مالي مدد فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته ٻنهي ملڪن ??فغ??نستان ۾ صورتحال تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها ??فغ??ن عوام کي انساني تباهي کان بچائڻ جي ??اءِ ضرورت جي ??حاظ کان انهن جي ??دد ڪري. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي ??اءِ پنهنجي ??يڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. سعودي گهرو وزير ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي ٽيڪنيڪل ٽيمن پاران پاڪستاني قيدين جي ??عاملي کي حل ڪرڻ ۾ مدد جي ??اءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن پاڪستان ۾ رهڻ دوران پنهنجي ??فد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. صدر 20 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ??يزباني ۾ سعودي عرب جي ڪردار ۽ تعاون ۽ خاص طور تي ڪورونا وبا دوران انهن سان انهن جي سُٺي سلوڪ کي ساراهيو.