بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي غلبي کي علائقائي امن ??اء?? خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ ظل??ن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، افغانستان ۾ امن ۽ سلام??ي کي يقيني بڻائڻ ??اء?? تعاون پاڪستان ۽ چين جي گڏيل مفاد ۾ آهي، درپيش چئلينجن جي پيش نظر دنيا هاڻي هڪ ٻي سرد جنگ جي سٽ نٿي سهي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب چين جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان چين جي مشهور ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ پاڪستان اسٽيڊيز سينٽرز جي سربراهن ۽ نمائندن سان خصوصي اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس دوران وزيراعظم پاڪ چين لاڳاپن جي اهميت ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. هن گهڻ رخي فورمز تي پاڪ – چين گڏيل موقف کي اجاگر ڪندي ون چائنه پاليسي ۽ بنيادي مفاد رکندڙ ٻين معاملن تي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪشمير تڪرار تي چين جي پختي حمايت تي به ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم چين سان پاڪستان جي سدابهادر اسٽريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪندي صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي هڪ اهم منصوبي جي طور تي سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ان ??ال??ه تي زور ڏنو ته جتان کان سي پيڪ جو پهريون مرحلو بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ رابطي تي مرڪوز هو اتان ايندڙ مرحلي ۾ صنعتڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ۽ زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري ??اء?? ٻين ماڳن جي برابر يا ان کان بهتر مراعتن جي آڇ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته بي شمار عالمي چئلينجن جي پيش نظر دنيا کي هڪ ٻي سرد جنگ جي ضرورت نه آهي، ورهاست جي نتيجي ۾ مصيبتن ۾ اضافو ۽ گڏيل فائدن کان محرومي جو خدشو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو اهو عزم هو ته عالمي سياست ۾ تصادم بدران تعاون ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ماضي ۾ ان ڏس ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هو ٻيهر اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ??اء?? تيار آهي. وزيراعظم پاڪستان جي قومي سلامتي پاليسي جو حوالو ڏيندي زور ڏنو ته سندس حڪومت اهڙي پاليسي ۾ اقتصادي سلام??ي کي بنيادي اهميت ڏني آ??ي، اهو ويزن رابطن ۽ ترقياتي حصيداري تي ٻڌل آهي، جنهن ??اء?? چين ۽ پاڪستان جي حصيداري اڻٽر آهي. علائقائي تناظر کي بحث هيٺ آڻيندي وزيراعظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلام??ي کي يقيني بنائڻ ۾ تعاون پاڪستان ۽ چين جي گڏيل مفاد ۾ آهي، هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته افغانين کي ان مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، هن امن، ترقي ۽ رابطن جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ ??اء?? پاڪستان ۽ چين جي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي ڪاهه کي علائقائي امن ??اء?? خطرو ۽ خطي جي ڊگهي عدم استحڪام جو سبب قرار ڏيندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي مسلسل ظل??ن طرف ڌيان ڏياريو ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڪشميرين جي خلاف ڀارتي ظل??ن تي ڌيان ڏي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ علمي رابطن سميت عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن کي درپيش گڏيل خطرن ۽ موقعن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ ??اء?? گڏيل تحقيق ۽ فڪري مڪالمي ??اء?? وڌيڪ ڪوششن تي زور ڏنو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.