بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جو باقاعده آغاز ٿي ويو آهي، وزيراعظم ڪاروباري ملاقاتن کانسواءِ ونٽر اولمپڪس جي افتتاحي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. ??ها ڳالهه هن وزيراعظم جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري ف??اد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جو باقاعده آغاز ٿي چڪو آهي، اڄ وزيراعظم 18 کان وڌيڪ سيڪٽرز ۾ وڊيو ڪانفرنسز ڪيون. انهن ڪانفرنسز کانپوءِ وزيراعظم عمران خان چين جي سڀ کان وڏي ٽي وي چئنل سي جي ٽي اين کي انٽرويو به ڏيندو. چوڌري ف??اد حسين ٻڌايو ته ڪاروباري ملاقاتن کانسواءِ وزيراعظم عمران خان پنهن??ي وفد سان گڏ ونٽر المپڪس جي افتتاحي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جو اهو پهريون حڪمران آهي جنهن کي المپڪس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، 20 کان وڌيڪ ملڪي سربراهه ان تقريب ۾ اڄ شرڪت ڪندا.