اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ ??ئين منڊين جي ڳولا ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين ۽ پاڪستان ??ي وچ ۾ مثالي لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻ??هي ملڪن ۾ واپار کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. اسپيڪر جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اج??اس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جي افغانستان ??ابت ايلچي صادق خان و??يراعظم جي خصوصي صلاحڪار ايوب آفريدي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڪريم خان، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين، ڪامرس سيڪريٽري ۽ انڊسٽري واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي، اج??اس ۾ واپار، افغان ٽرانزنٽ ٽريڊ ۽ ٻاهرين ملڪ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر اسد قيصر ان موقعي تي چيو ته وچ ايشيائي رياستون وڏيون و??پاري منڊيون آهن، جنهن تائين پهچ لاءِ ڪي پي ڪي، افغانستان گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته واپاري خساري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ??ئين منڊين جي ڳولا ضروري آهي، مقامي آبادي کي روزگار جي فراهمي ۽ ٻاهرين و??پار کي فروغ ڏيڻ لاءِ اڳوڻي فاٽا ۽ پاڪ افغان ??اڊر کي اڪنامڪ زون قائم ڪيا وڃن، اسد قيصر چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اڳوڻي فاٽا جي ضم ٿيل ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، ٻاهرين و??پار جي فروغ لاءِ خصوصي ٽيڪينڪل گروپ جوڙيا وڃن، چين ۽ پاڪستان ??ي وچ ۾ فري ٽريڊ معاهدي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻاهرين و??پار جي فروغ جا سڀني کان وڌيڪ موقعا موجود آهن. جنهن سان و??پاري سرگرمين ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهندو آهي، هن هدايت ڪئي ته واپاري سرگرمين ۾ ڪنهن به صورت ۾ رڪاوٽ نه اچڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي ٽرانزٽ ٽريڊ جي مصنوعات جي پيداوار شروع ڪرڻي آهي ان ??والي سان ??فغان ??يڙپڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي، اسان وٽ پيداور جي گهٽتائي آهي تنهن ڪري اسان کي پنهنجي پيداوار کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اسان ??نٽرنيشنل مارڪيٽ تائين پهچ چاهيون ٿا ته جيئن پاڪستاني مصنوعات کي عالمي سطح تائين متعارف ڪرايو وڃي. ملڪ ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافي سان مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو.