ڪوئيٽا – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته قو??ي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ رجسٽريشن بابت معاملن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ نادرا ڊيجيٽلائيزيشن طرف گامزن آهي، بلوچست??ن ۾ عورتن کي قو??ي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي حوالي سان مشڪلاتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي ۽ عورت اسٽاف تي ٻڌل خصوصي موبائيل ٽيمن سان گڏوگڏ مقامي آفيسن ۾ پڻ عورت اسٽاف جي مقرري کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اها ڳالهه هن نادرا ڊبل روڊ آفيس ۾ عورت اسٽاف تي ٻڌل پهرين موبائيل رجسٽريشن وهيڪل جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نادرا بلوچستان جو ڊائريڪٽر جنرل مير عالم خان، هلال احمر بلوچستان جو چيئرمين عبدالباري بڙيچ، پي ٽي آءِ بلوچستان عورت ونگ جي صدر زل??خه مندوخيل، پي ٽي آءِ بلوچستان جو سيڪريٽري اطلاعات آصف ترين ۽ ٻيا پارٽي عهديدا?? ۽ ??ادرا عملدار پڻ موجود هئا. قو??ي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته احساس پروگرام سميت تصدي?? ٿيل ڊيٽا مئنيجمينٽ ۾ نادرا جي خدمتن جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آهي، نادرا وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب عوام کي جديد سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.