ڊيره اسماعيل خان – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ۽ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ موٽرسائيڪ??ن جون چاٻيون ورهايون، ان سلسلي ۾ هتي آبادگار ڪنوينشن جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان، وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ۽ وزيراعظم ??و خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه به موجود هئا. وزيراعظم ??بادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهايا، پهرئين مرحلي ۾ ص??بي جي ??نج لک رجسٽرڊ آبادگارن مان 2 لک آبادگارن کي آبادگار ڪارڊ ورهايا پيا وڃن، آبادگار ڪارڊ سڄي ملڪ جي سمورين اي ٽي ايم مشينن تي استعمال ڪري سگهبا. پهرين مرحلي ۾ آبادگارن جي ڊيٽا بيس کي بهتر بڻايو ويندو ۽ کين سبسڊي (مشينري، ان پٽ وغ??ره) فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ آبادگارن کي بنا وياج/ گهٽ مارڪ اپ تي قرض فراهم ڪيا ويندا ۽ فص??ن جي انشورنس ڪئي ويندي، ان کانسواءِ کين قدرتي آفتن جي صورت ۾ مالي امداد به فراهم ڪئي ويندي، ان کانسواءِ ص??بي ۾ زراعت جي ??روغ لاءِ مالي سال 22 -2021ع جي دوران آبادگارن کي 1048.38 ملين روپين جي سبسڊي ڏني ويندي.