اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي اس??يڪ?? اسد قيصر سان ناڻي واري ??فاقي وزير شوڪت ترين ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال خاص طور تي قبائلي ضلعن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ آبادگارن کي درپيش مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قومي اسيمبلي ??ي اس??يڪ?? چيو ته ڪنهن به صورت ۾ آبادگارن جو استحصال برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، انهن جي مفادن جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. هن هدايت ڪئي ته تمباڪو جي آبادگارن کان تمباڪو جي خريداري ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ڇو ته فصلن جي وقت سر خريداري ??ه ٿيڻ جي ڪري آبادگارن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿئي ٿو. اس??يڪ?? حڪومت جي قبائلي عوام ۽ غريبن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي قدمن کي ساراهيو. ناڻي واري ??فاقي وزير شوڪت ترين چيو ته اڳوڻي فاٽا جي سمورن ضلعن جي ترقي ۽ اتان جي عوام جون محروميون ختم ڪرڻ حڪومت ??ي اولين تر??يح آهي، قبائلي ضلعن ۾ معاشي سرگرميون شروع ٿيڻ سان روزگار ملندو. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام سان قبائلي نوجوانن کي روزگار ڏينداسين. ناڻي واري ??زير چيو ته اڳوڻي فاٽا جو ترقياتي پئڪيج چونڊيل قبائلي قيادت ۽ عوام جي مشاورت سان اڳتي وڌايو ويندو، ڪامياب جوان پروگرام ذريعي قبائلي ضلعن جي نوجوانن کي قرض ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجو روزگار شروع ڪري سگهن ۽ معاشي لحاظ کان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. اس??يڪ?? چيو ته نئين ضلعن ۾ صحت انصاف ڪارڊ جاري ڪرڻ قبائلي عوام جي لاءِ حڪومت جو تمام وڏو تحفو آهي.