اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمينان جي بنيادي سببن ۾ شامل آهن، مسلمان ملڪ پراڻن مسئلن جي حل سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ ر??حا?? جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ يڪجهتي جو مظاهرو ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب پارليامينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عادل بن عبدالرحمان العسومي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عرب پارليامينٽ جي صدر ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي. عرب دنيا ۽ پا??ستان جي عوام جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چ??و ته پا??ستان وچ اوڀر جي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هن چ??و ته فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمينان جي بنيادي سبنبن ۾ شامل آهن. وزيراعظم فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن جي حمايت جي لاءِ مسلمان امت جي وچ ۾ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چ??و ته انهن پراڻن تڪرارن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان مسلمان ملڪن کان مطالبو ڪ??و ته دنيا جي مختلف حصن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ ر??حا?? جو گڏجي مقابلو ڪريون. هن وفد کي نئون پا??ستان جي حوالي سان پنهنجي ويزن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چ??و ته پا??ستان جي اقتصادي سلامتي جا ٽي ٿنڀ آهن جن ۾ امن، ترقياتي حصيداريون ۽ رابطا شامل آهن. ان موقعي تي عرب پارليامينٽ جي صدر وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. هن فلسطين سميت مسلمانن جي مقصدن جي حمايت ۾ پا??ستان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. عرب پارليامينٽ جي صدر مسلامن امت کي درپيش علائقائي ۽ عالمي چئلين??ز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متفقه طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.