اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته اڄوڪو ڏينهن معاشري ۾ عورتن جي بلند مقام ۽ مختلف شعبن ۾ انهن جي واکاڻ جوڳين خدمتن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، دين اسلام عورتن کي بي مثال ??ق ڏنا آهن، پاڪستان جو آئين عورتن جي حقن جو ضامن آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ عورتن روشن ڪردار ادا ڪي?? آهي، معاشري کي مهذب ۽ روشن خيال ??ڻائڻ لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لازمي آهي. هن چي?? ته عورتن کي ترقي جي برابر موقعن ۽ حقن جي يقيني فراهمي سان معاشري ۾ طاقتور ۽ محفوظ بڻائڻ اسان جو پختو عزم آهي.