اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي)وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته ڪراچي ۾ رچايل ڊرامي جو مقصد بدعنواني جو تحفظ ۽ اين آر او گهرڻ آهي. ڊرامي ذريعي مادر ڪوڙ کي مادر ملت بن??ئڻ چاهين ٿا. نواز شريف انقلابي آهي ته ملڪ واپس اچي آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪري ۽ باقي زندگي جيل ۾ گذاري. عمران خان جيڪو چوندو آهي اهو ڪري ڏيکا??ين??و آهي. جيستائين عمران خان جي زندگي آهي ڀلي وزيراعظم رهي يا نه رهي، هو ان کي ڪرپشن ڪرڻ نه ڏيندو. حڪومت لٽيل دولت جي واپسي ۽ بهتر حڪمراني طرف توجهه ڏئي رهي آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز گل چيو ته بدقسمتي سان 40 سالن ۾ 2 ٽبر سياست ۾ آيا آهن. جن ڪوڙ ڳاله??ئڻ ۾ بي ايس سي ڪئي آهي، پر ان باوجود هر ڀيري پڪڙجي پوندا آهن. اهي ماڻهو پهرين صفائي سان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. ميڊيا ۾ من پسند دوستن ذريعي لانچ ڪيا ويندا آهن ۽ انهن جي ٽائيمنگ به اهڙي رکندا آهن جنهن سان انهن کي فائدو ٿئي.