لاهور – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان ٻارن ۽ عورتن سان زيادتين جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي واضح ڪيو آهي ته عورت زيادتي ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ ڏوهارين کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. وزي??اع??م نشي آور مصنوعات وڪرو ڪندڙ عنصرن ۽ قبضي مافيا جي خلاف سخت ڪر??ڪ ڊائون جو حڪم ڏ??و ۽ انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ضرورت جي شين خاص طور تي ڪڻڪ جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. هو لاهور ۾ پنجاب صوبي ۾ امن امان، ضرورت جي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.