اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي وقت سر قدم نه کڻڻ تي سنڌ جي عوام ڪڻڪ ۽ اٽو مهانگو خريد ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي گهٽتائي ۽ قيمتن ?? اضافي جو سبب فلور ملن کي ڪڻڪ جاري نه ڪرڻ آهي، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌيڪ ٿي آهي، سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ رليز نه ڪرڻ سبب سنڌ جا ماڻهو مهانگي ڪڻڪ ۽ اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. هو غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطا?? ڪري رهيو هو. وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته پنجاب ح??ومت ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ?? استحڪام لاءِ سبسڊي ڏيڻ سان گڏوگڏ وقت سر فلور ملن کي ڪڻڪ جاري ڪئي آهي ان لاءِ پنجاب ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ?? استحڪام آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اهڙي صورتحال بڻائي ڇڏي آهي جو سنڌ جي عوام کي هاڻي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن سال پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي وڌيڪ پيداوار ٿي آهي، ان جي باوجود مارڪيٽ ۾ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ?? اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي وقت سر قدم نه کڻڻ تي سنڌ جي عوام ڪڻڪ ۽ اٽو مهانگو خريد ڪري رهي آهي.