اسل??م آباد – 20 جون (اي پي پي) سڄ?? ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 ه??ار 681 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا جا 63 ه??ار 504 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيندڙ 153 ماڻهو فوت ٿي ويا، 26 فيبروري تي ڪوورنا وائرس جي پهرين ڪيس کانپوءِ اهي هيستائين جي هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آهن. گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريضن وينٽي ليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر 549 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪل ايڪٽو ڪيسن جو انگ 1 لک 4 ه??ار 780 آهي جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6604 ماڻهن جو اضافو ٿيو. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 1 لک 71 ه??ار 666 آهي جن ۾ آزاد ڪشمير ۾ 803، بلوچستان ۾ 9 ه??ار 162، گلگت بلتستان ۾ 1 هزا?? 253?? اسل??م آباد ۾ 10 ه??ار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 20 ه??ار 790، پنجاب ۾ 64 ه??ار 216 ۽ سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 65 ه??ار 163 آهي. سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 3382 آهي جن مان سنڌ ۾ 1 ه??ار 13، پنجاب ۾ 1 ه??ار 347، خيبرپختونخواهه ۾ 789، اسل??م آباد ۾ 95، بلوچستان ۾ 100، گلگت بلتستان ۾ 21 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 17 فوتگيون ٿيون.