اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) ??فا??ي حڪومت ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي 7 هزار 137 ارب رپين جي ماپي جي ??فا??ي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳاي?? ويو، اين ايف سي ايوارڊ تحت 874 ارب رپين جو روينيو صوبن ک?? منتقل ڪي?? ويندو، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جي 7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، احساس پروگرام 187 ارب رپين مان وڌائي 208 ارب رپيا ڪي?? ويو آهي، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن ۾ سبسڊي جي لاءِ 179 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اوڳاڙين جو هدف 6 هزار 573 ارب رپيا مقرر ڪي?? ويو آهي، سيلز ٽيڪس جي شرح 14 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 12 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، سيمنٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 2 رپين مان گهٽ ڪري هڪ رپيو 75 پئسا ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۾ ٺهندڙ موبائيل فونز تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، درآمد تي انڪم ٽيڪس جي شرح تي ڪچي مال تي 5.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ۽ مشينري تي ٽيڪس 5.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪي?? ويو آهي، گهٽ کان گهٽ پگهار 15 هزار مان وڌائي 25 هزار ڪئي وئي آهي، موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ 200 سي سي تائين موٽرسائيڪل تي ايڊو??نس ٽيڪس ختم ڪي?? ويو آهي، ٽيڪس ادا نه ڪندڙ اهڙا ماڻهو جيڪي اسڪول جي سالياني فيس 2 لک رپين کان وڌيڪ ادا ڪري رهيا آهن، انهن کان 100 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪرڻ جي تجويز آهي، ڊبل ڪيبن تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ، انرجي ڊرنڪس تي ايف اي ڊي 13 سيڪڙو مان وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ، درآمدي سگريٽن، ٻيڙي، سگار ۽ تماڪ جي شين تي لاڳو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 65 سيڪڙو مان وڌائي 100 سيڪڙو ڪرڻ، ڪورونا وائرس بابت صحت جي ساز و سامان جي درآمد تي جاري ڇوٽ ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي توسيع ڪئي وئي آهي، ايندڙ مالي سال دوران واڌويجهه جي شرح 0.4 مان وڌائي 2.1 سيڪڙو تائين آند?? ويندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 4.4 سيڪڙو تائين محدود رکي?? ويندو، مهانگائي جي شرح 9.1 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 6.5 سيڪڙو تائين آندي ويندي، سڌي سنئين غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ 25 سيڪڙو تائين اضافو ڪي?? ويندو، جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ ڪو به اضافو ناهي ڪي?? ويو. قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 21 – 2020ع جي ??فا??ي بجيٽ پيش ڪندي صنعت ۽ پيداوار واري ??فا??ي وزير حماد اظهر چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ٻي سالياني بجيٽ پيش ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، وزيراعظم عمران خان جي مثالي قيادت ۾ آگسٽ 2018ع کان هڪ نئين دور جي شروعات ٿي، اسان مشڪل سفر کان شروعات ڪئي ۽ معيشت جي بحالي لاءِ پنهنجون ڪوششون شروع ڪيون ته جيئن وچين مدي واري معاشي استحڪام ۽ واڌويجهه جي شرح ۾ بهتري آڻي سگهجي، اسان جي معاشي پاليسين جو مقصد ان واعدي جي تڪميل آهي جيڪو اسان نئون پاڪستان ٺاهڻ جي لاءِ عوام سان ڪيو آهي.