اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وز??راعظم عمران خان جي ه??ايت تي شگر ڪميشن جي رپورٽ منظرعام تي آندي وئي آهي، هاڻي پئسو ٺاهيندڙن کان پئسو واپس وٺڻو آهي، ان جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ روايت رهي آهي ته ڪميشن ٺهنديون رهيون پر ر??ورٽ سامهون نه ايندي ه??ي. هو پي آءِ ڊي ۾ وز??راعظم جي خاص معاون شهز??د اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو ته ماضي جي حڪومتن جي ڪري ملڪ پٺ??ي ويندو رهيو، تحريڪ انصاف احتساب جو نعرو هنيو ۽ ان تي پورو لهندي، اسان حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ واعدو ڪيو ته احتساب سڀني جو ٿيندو، وز??راعظم عمران خان کنڊ جي معاملي تي پاڻ ڪميشن ٺاهي.