اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عالمي قانونن تحت پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي پنهنجي سفارتي ذميداريون سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ ۽ سفارتي عملي جي گرفتاري ۽ تشدد ڪڌي ۽ انتهائي قابل مذمت حرڪت آهي، ڀارت خطي ۾ پنهنجي سمورن پاڙيسرين جي خلاف جارحيت جو ڏوهاري آهي، ??المي برادري ڀارتي قدمن جو نو??يس وٺندي سفارتي ۽ عالمي قانونن جي منافي رويي تي ڀارت جو گهيراءُ ڪري، ??هڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي متعصباڻي ۽ پرتش??د قدمن جو نشانو بڻائيندڙ آر ايس ايس بي جي پي حڪومت نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي عملي تي بي بنياد ۽ ڪوڙن الزامن جي مهم شروع ڪري چڪي آهي، ??المي قانونن تحت پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي پنهنجي سفارتي ذميداريون سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ ۽ سفارتي عملي جي گرفتاري ۽ تشدد ناپاڪ ۽ انتهائي قابل مذمت حرڪت آهي.