اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته موجوده صورتحال خاص طور تي رمضان مهيني کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ ۽ ٻين ضرورت جي شين جي طلب ۽ پهچ تي ??هري نظر رکي وڃي ته جيئن وقت سر فيصلا ڪري سگهجن ۽ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ خوراڪ جي کوٽ نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام سا?? ملاق??ت دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪڻڪ جي اسمگلنگ جي روڪٿام، مڪڙن جي خاتمي جي حوالي سا?? قدمن ۽ ايندڙ سا?? معياري ڪڻڪ جي پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهتر ٻج جي استعمال جي حوالي سا?? تجويزن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.