اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندي پنهنجي عزم کي ورجايو آهي ته اسان پاڪستان جي موجوده صديءَ جي سڀ کان وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهيون، اسان جي ٽيم ڏينهن رات صورتحال کي مانيٽر ڪر?? رهي آهي، وزيراعظم واضح ڪيو ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جيڪو پاڪستان ??ي ترجيحي بنيادن تي ضروري شيون مهيا ڪر?? رهيو آهي، ڪرونا وائرس جي عالمي، علائقائي ۽ ملڪي سطح تي صورتحال جو جائزو وٺندي وقت سر قدم کنيا پيا وڃن، عوام جي لاءِ معاشي رليف پئڪيج ان سلسلي جي اهم ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلا?? ٿيو. ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو ته ڪابينا اجلاس شرو?? ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان ??الهائيندي چيو ته ڪرونا وائرس جي وبا پوري قوم جي لاءِ پريشاني جو سبب آهي، اسان هر رخ جو باقاعده جائزو وٺ?? رهيا آهيون ۽ عوامي مفاد ۾ بهترين فيصلا ڪر?? رهيا آهيون.