اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) عورتن جي تعليم جي فروغ جي لاءِ 2 ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس ڇنڇر 11 جنوري کان شروع ٿ??ندي. ”مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان ??ان ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ 23 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا، تعليمي ما??رن?? وزير ۽ اسڪولز جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ عورتن جي تعليم جي حوالي ??ان چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ڪانفرنس ۾ گهرايو ويو آهي. ڪانفرنس ۾ عورتن جي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اسلامي ملڪن جا نمائندا پڻ شرڪت ڪري رهيا آهن. اها ڪانفرنس پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. ان ڪانفرنس ۾ مسلمان ۽ دوست ملڪن جي وزيرن، سفيرن، تعليمي ماهرن ۽ اسڪالرز سميت 150 کان وڌيڪ عالمي ناليواريون شخصيتون شرڪت ڪنديون. گڏيل قومن جي ذيلي اداري يونيسڪو، يونيسيف ۽ عالمي بئنڪ سميت مختلف ??المي تنظيمن جا نمائندا پڻ موجود هوندا. مقررين ۽ پينلسٽ پنهنجا ڪامياب تجربا شرڪت ڪندڙن ??ان شيئر ڪندا ۽ تعليم ۾ برابري جي فروغ جي لاءِ جديد طريقا پيش ڪندا. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ”اسلام آباد پڌرنامي“ تي باضابطا صحيحون ڪيون وينديون جيڪو مسلمان معاشري جي ڇوڪرين کي تعليم جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي گڏيل عزم جو خاڪو پيش ڪندو جنهن ??ان جامع ۽ پائيدار تعليمي سڌارن ??ان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي لاءِ روشن مستقبل جي راهه هموار ٿيندي.