اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مسلم دنيا جي عظيم اڳواڻ، اوڀر جي نياڻي ۽ ??ڳو??ي وزيراعظم شهيد جمهوريت مح??رمه بينظير ڀٽو جي 17هين ورسيءَ ج?? موقعي تي چيو آهي ته اڄ اسان شهيد مح??رمه جي 17هين ورسي تي سندس قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا، شهيد مح??رمه نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوريت، مساوات ۽ انساني حقن لاءِ هڪ نئون مثال قائم ڪيو، سندس سياسي جدوجهد ۽ اصولن تي ِٻَڌل قيادت پاڪستان جي عوام لاءِ هميشه مشعلِ راهه رهندي. ان موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته شهيد مح??رمه پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ??ن عزم کي مضبوط ڪيو ته جمهوريت ئي ??سان جي ترقي جو واحد رستو آهي. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته مح??رم بينظير ڀٽو هر قسم جي ڏاڍ ۽ آمريت جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ عوام جي فلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، هوءَ عورتن جي حقن، تعليم، صحت ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ سرگرم رهي ۽ پنهنجي قيادت ذريعي نوجوان نسل کي اهو درس ڏنو ته قومي اتحاد ۽ حب الوطني سان هر چئلينج جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، سندس بصيرت ۽ جرئت اڄ به اسان کي متحد ۽ منظم رهڻ جو سبق ڏئي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان کي ان ڏينهن ج?? موقعي ت?? هي عهد ڪرڻو آهي ته شهيد مح??رمه جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين، پاڪستان کي هڪ ترقي يافته، خوشحال ۽ جمهوري رياست بڻائڻ لاءِ سندس مشن کي جاري رکنداسين. سينٽ چيئرمين چيو ته اسان شهيد مح??رمه کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ سندس ڏنل قرباني کي ڪڏهن به نه وِسارينداسين.