اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي ??ي) پرڏيهي وزارت شام ۾ پاڪستاني شهرين جي لاءِ ايڊوائيزري جاري ڪندي چيو آهي ??ه شام جي تازي ??ورتحال جي ڏس ۾ پاڪستاني شهرين کي مشورو ڏنو وڃي ٿو ته جيستائين حالتون بهتر نه ٿيون ٿين اهي ??يرضروري سفر يا شام جي دوري کان پاسو ڪن. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ??ه جيڪي ماڻهو هن وقت شام ۾ آهن انهن کي انتهائي احتياط ڪرڻ ۽ دمشق ۾ پاڪستاني سفارتخاني سان رابطي ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. بيان موجب سفارتخاني سان موبائيل 3987127822 96+ ۽ 3990138972 96+ ۽ اي ميل [email protected] تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.