اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) ور??رز ويلفيئر فنڊ سان رجسٽرڊ اسلام آباد جي صنعتي ادارن کان حج 2025ع لاءِ حج پانڌيئڙن کان درخواستن جي وصولي جو عمل شروع ٿي ويو آهي، درخواستن جي وصولي جو عمل 3 ڊسمبر تائين جاري رهندو. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي عملدارن موجب ور??رز ويلفيئر فنڊ، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وزارت (او پي اينڊ ايڇ ار اي) حڪومت پاڪستان جو هڪ ذيلي ادارو آهي جيڪو اسلام آباد مان 10 رجسٽرڊ صنعتي ڪارڪن کي هر سال ڪڻن ذريعي حج تي موڪلي ٿو. مذهبي معامن واري وزارت حج 2025ع لاءِ درخواستن جي وصولي جو عمل شروع ڪري رکيو آهي، ان سلسلي ۾ ور??رز ويلفيئر فنڊ جي رجسٽرڊ صنعتي ور??رن کان درخواستون طلب ڪيون آهن. اهي صنعتي ڪارڪن جيڪي مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل ڊيٽا ۽ معيار تي پورو لهن اهي درخواستون موڪلي سگهجن ٿا. ان حوالي سان وزارت طرفان سوشل ميڊيا تي ترتيب ڏنل اهليتي طريقيڪار جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب صنعتي ور??ر جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 50 کان 60 سالن جي وچ ۾ هجي، صنعتي ور??رز فيڪٽري ڪارڊ جي ڪاپي درخواست سان گڏ موڪلين جڏهن ته اي او بي آءِ ۽ ايمپلائيز سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن مان رجسٽريشن ضروري آهي، صنعتي ور??ر انڊسٽريل رليشن ايڪٽ (2021-IRA) موجب ڪارڪن جي تعريف ۾ ايندو هجي، صنعتي ڪارڪن کي حلف نامو جمع ڪرائڻو پوندو ته ان کان اڳ ڪنهن به سرڪاري کاتي جي اسڪيم تحت حج جي ادائيگي نه ڪئي، صنعتي ڪارڪن ڪنهن فعال اداري ۾ ڪم ڪندو هجي ۽ ادارو لاڳاپيل قانونن تحت منظور ٿيل هجي ۽ ادارو پنهنجي آسان اعلان ڪيل آمدني جو 2 کان 5 سيڪڙو وڪررز ويلفيئر فنڊ ٽيڪس 1971ع آرڊيننس تحت يا باقي رهيل رقم جي 5 سيڪڙو ور??رز منافع بخش حصيدار ميمبر ايڪٽ 1968ع تحت مالي سال 2023ع جي ٽيڪس جي ادا ٿيل چالان ڪاپي گڏ ڪن. اداري جي رجسٽريشن صنعنتي مائننگ اداري اسلام آباد ۾ رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ کي درخواست سان گڏ شامل ڪن. ڪڻن ۾ عورت اميدار جي ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ ان ??ي محرم جا سمورا لاڳاپيل خرچ پاڻ برداشت ڪندي.