اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ترجمان شازيه عطا مري چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ سڏ ڏنو ويو آهي، جنهن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. ڪالهه هتي پنهنجي بيان ۾ هن چ??و ته پاڪستان کي استحڪام ۽ اتحاد جي ضرورت آهي، ڏڦيڙ ۽ وِرڇ جي نه. هن چ??و ته پُرامن احتجاج جي نالي تي پيٽرول بم اُڇلائڻ، گاڏيون ساڙڻ هاڻ پي ٽي آءِ جي سُڃاڻپ بڻجي چڪي آهي، اسان کي احتجاج سان مسئلو ناهي، ڏڦيڙ ۽ نفرت جي سياست ڪرڻ تي افسوس آهي. شازيه مري چ??و ته يو ٽرن ڪوڙ، الزام، لشڪر ڪشي هن ??ولي جي سُڃاڻپ بڻجي چڪي آهي. هن چ??و ته پي ٽي آءِ ۾ جيڪي سمجهدار ماڻهو هئا اهي خاموش آهن ۽ غير ذميوار ماڻهن کي پارٽيءَ جون واڳون ڏنيون ويون آهن. شازيه مري چ??و ته اهڙيون ڌُريون ملڪ نه پر هڪ شخص جي خوشنودي ۾ لڳل آهن جيڪي پنهنجي ذات خاطر ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، اسان لاءِ ملڪ اهم آهي، ڪا سياسي پارٽي ملڪ کان مٿاهين ناهي. هن چ??و ته اهي ماڻهو حڪومت ۾ هئا ته ملڪ کي نقصان پهچايو ۽ هاڻ مخالف ڌُر ۾ ويهي به عوام جي ڪا فڪر نٿا ڪن. هن ??ڌيڪ چ??و ته پ پ چيئرمين مشورو به ڏنو هو ته پنهنجا ڪيس عدالتن ۾ وڙهو ۽ ڪجهه عوام جو سوچيو. هن چ??و ته اڄ هڪ ض??ي ۽ گهمنڊي ماڻهوءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ ملڪ کي بار بار نقصان پهچايو پيو وڃي، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو سرمايو آهن، انهن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي. اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ سالميت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته جڏهن ??لڪ ترقي ڪندو ته اسان سڀ ترقي ڪنداسين. شازيه مري چ??و ته پ پ جي قيادت ۽ ان جي ڪارڪنن بيشمار تڪليفون برداشت ڪيون آهن ??ر ڪوبه ڏڦيڙ نه پکيڙيو. اسان آمرن جو ڄمي مقابلو ڪ??و پر ملڪ جي ساک کي ڪڏهن به نقصان نه پهچايو. صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳا??و ته بلاول ڀٽو زرداري سياسي پارٽين کي گڏ ڪيو، اسان جي قيادت سخت ترين جيل ڪاٽيو ۽ صدر زرداري بيگناهه 13 سال جيل ڪاٽي، پي ٽي آءِ ٻُڌائي ته جيل ۾ هر قسم جون سهولتون ڪيترن قيدين کي ملن ٿيون. هن چ??و ته پاڪستان ۾ استحڪام خاطر اسان کي اتحاد ۽ امن کي هٿي ڏيڻي پوندي. سياست کي خدمت سمجهندي اسان جي وڏن هڪ ڌار ملڪ حاصل ڪيو، هن ??قت ملڪ کي هر پاڪستاني ڀاءُ ڀيڻ، بزرگ، ڌيءُ ۽ پُٽ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ امن ۽ خوشحاليءَ خاطر اسان کي گڏجي نفرت، ڏڦيڙ ۽ وِرڇ جو خاتمو ڪرڻو پوندو.