اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا جي خلاف ون ڊي مئچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هڪ ٻي غيرمعمولي مئچ ۾ فتح تي مبارڪ هجي. اسان کي خبر هئي ته توهان اهو ڪري سگهو ٿا. وزيراعظم سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ت?? آسٽريليا جي خلاف متاثر ڪندڙ فتح تي اسان کي پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم تي فخر آهي. هن چيو ته ڪاميابي جي پٺيان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ پوري ٽيم جون تمام وڏيون ڪوششون آهن. وزيراعظم ڪپتان محمد رضوان کي ٽيم جي قيادت سان گڏوگڏ مئچ دوران 6 ڪئچ ڪرڻ، صائم ايوب کي 82 رنسون ٺاه?? ۽ ??ارث رئوف کي 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو ته اسان جي ٽيم جا حوصلا بلند آهن، پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪندا رهو.