اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف مستونگ ۾ بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪند?? چيو آهي ته دهشتگردن جو اسڪول جي ٻارن تي حملو بلوچستان ۾ انهن جي تعليم دشمني جو ثبوت آهي، دهشتگرد اهڙي بزدلاڻي حملن سان اسان جا قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم ڌماڪي ۾ ٽن ٻارن ۽ هڪ پوليس اهلڪار جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئ??. وز??را??ظم واقعي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئ??. وز??را??ظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئ??. وز??را??ظم چيو ته دهشتگردن جو حملو بلوچستان ۾ انهن جي تعليم دشمني جو ثبوت آهي. دهشتگرد اهڙي بزدلاڻي حملن سان اسان جي قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. اهڙا حملا حڪومت جي بلوچستان ۾ تعليم جي ترقي جي فروغ جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وز??را??ظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جي ان لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين انهن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وز??را??ظم چيو ته ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن تي سڄي قوم کي فخر آهي.