اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو آهي ته پاڪ چين سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل آه??. س??اجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو ته چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي اسلام آباد ۾ آجيان ڪندي کيس خوشي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي ڀاءُ، اسٽيٽ قونصلر ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي تاريخي ۽ لاڀائتي دوري جا منتظر آهن جيڪو پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسان ٻطرفن قدمن خاص طور تي چين، پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تي اڳڀرائي جو جائزو وٺنداسين ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل تعاون جون نيون راهون به ڳولينداس??ن. ??زيراعظم چيو ته پاڪ چين سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل آهي.