ماسڪو-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته گڏيل سيڙپڪاري ذريعي پاڪستان ۽ ر??س جي واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ چاھيون ٿا.سيڙپڪاري بورڊ پاران جاري پڌرائي مطا??ق وفاقي وزير ماسڪو ۾ پاڪ – روس بزنس فورم ۾ شرڪت ڪئي. فورم ۾ پاڪستان جي 60 ڪمپنين جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير فورم جي پھرين ڏينھن بزنس سيشن کي خصوصي طور خطاب به ڪيو. وفاقي وزير فورم ۾ شرڪت دوران ر??س جي صنعت ۽ واپار واري وزير سان مل??قات کان علاوه ماسڪو ۾ ر??س جي واپاري برادري سان مل??قاتون پڻ ڪندو. ان موقعي تي وفاقي وزير عبدالعليم خان جي ماسڪو چيمبر آف ڪامرس ۽ بزنس ايسوسي ايشن جي نمائندن سان پڻ مل??قات ٿين??ي. ??اضح رھي ته ھو پنھنجي ٽن ڏينھن واري دورو دوران ر??س جي ڪاروباري شعبن سان لاڳاپيل ماڻھن سان وڌ کان وڌ مل??قاتون ڪندو. ر??س جي دوري ۽ فورم جي حوالي سان وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته ر??س جي دوري سان ٻنھي ملڪن جي ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي وڌيڪ ويجھو آڻڻ چاھيون ٿا. گڏيل سيڙپڪاري ۽ سھولتن سان گڏ روس ۽ پاڪستان جي ماتحت ڪاروبار کي ھٿي ڏيڻ ڇاھيون ٿا. عبدالعليم خان ماسڪو ۾ ر??س جي وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري اختيارن سان پڻ مل??قاتون ڪندو جنھن سان پاڪ – روس واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي.