نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ۽ برطانوي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر پاڪ برطانيا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مختلف شعبن خاص طور ت?? واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن خاص طور ت?? اي?? بي آر جي سڌارن ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي، موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن سان پ??ڪس??ان کي درپيش مسئلن، پ??ڪس??ان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانين ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي وزيراعظم رائيٽ آنرايبل سرڪيئر اسٽارمر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪ برطانيا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مختلف شعبن خاص طور ت?? واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان جي معاشي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف معاشي استحڪام کانپوءِ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن خاص طور ت?? اي?? بي آر جي سڌارن ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي تي روشني وڌي. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ملاقات ۾ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن سان پ??ڪس??ان کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم پ??ڪس??ان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانين جو ذڪر ڪندي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن جي تدارڪ جي لاءِ عالمي برادري کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان برطانيا جي ٽئين وڏي ملڪ جو ذڪر ڪندي پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ منصوبن تي روشني وڌي. برطانيا ۾ رهندڙ پ??ڪس??انين جي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوامي رابطن جي فروغ ۽ متاسٽا سان گڏيل طور ت?? فائديمند ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.