اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان بي??اروس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. صنعت، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي بي??ار??س جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. بي??ار??س جي زراعت بابت نائب وزير شگوئيڪو ۽ صنعت جي نائب وزير آندري ڪزنيتسوف پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صنعت ۽ پيداوار واري وز??رت مان جاري بيان موجب بي??اروس ٽريڪٽر جو گڏيل پلانٽ پ??ڪستان ۾ قائم ڪندو. ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۾ ايف ايم وي ويڪسين جي گڏيل منصوبي ۽ مشينري جي ڊزائين ۾ زرعي انجنيئرن جي تربيت ۽ صلاحيت سازيءَ تي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. اعلان موجب بي??اروس پاڪستان ۾ زرعي مشينن جي جاچ پڙتال جا مرڪز قائم ڪندو. هن چيو ته صنعت، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. زرعي شعبي جي ميڪانائزيشن لاءِ سهڪار گهربل آهي. هن چيو ته پاڪستاني ميون کي بي??ار??س جي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي. وٽرنري ميڊيسن ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بي??ار??س جي نائب وزير چيو ته بي??اروس پاڪستان ۾ وٽرنري ميڊيسن جو پلانٽ لڳائڻ چاهي ٿو.