نيويارڪ – 24 ?? سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي وفد ??ان گڏ نيويارڪ پهچي ويو آهي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم ??ان گڏ وفد ۾ شامل آهن. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل انتونيو گوتريس پاران ميمبر ملڪن جي سربراهن جي لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم جي مختلف ملڪن جي سربراهن ??ان غيررسمي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي جي اجلاس 2024ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم جي مالديپ جي صدر محمد معيزو ??ان ملاقات ٿيندي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي حوالي ??ان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.