اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪالهه جيڪا سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون آئي آهي ان ۾ واضح آهي ته ڪنهن به پارليامينٽرين کي پارليامينٽ جي اندران گرفتار ناهي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي هن چ??و ته اس?? قيصر منهنجي لاءِ احترام ل??ئق آهي، سندس دور ۾ حڪومتي بئنچن تان کيس برو ڀلو چيو ويندو هو ته توهان اپوزيشن جون ڳالهيون ڇو ٻڌي رهيا آهيو پر اڄ سڄو ايوان اسپيڪر جي پٺيان بيٺل آهي. هن چ??و ته اهي ثبو?? سامهون آيا آهن ته ڪنهن به پارليامينٽ جي ميمبر کي پارليامينٽ هائوس جي اندران گرفتار ناهي ڪيو ويو، اسپيڪر آفيس ۾ سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهن انهن جو مشاهدو ڪري وٺو. هن چ??و ته پي ٽي آءِ وارن جي فاشسٽ سوچ آهي، انهن ۾ ڳالهه ٻڌڻ جو حوصلو نه آهي. هن چ??و ته ڳالهه ٻولهه سان ئي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.