اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان چيف ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر علي البيطي جي سربراهي ۾ يو اين ڊي پي جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اهڙن اهم قدمن جن جو مقصد غلط ??اڻ کي هٽا??ڻ ۽ پاڪستان ۾ هڪ محفوظ ڊجيٽل ماحول کي هٿي ڏيڻ آهي، ان سميت ڪيترن اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون. گذريل ڏينهن انساني حقن واري وزارت پاران جاري بيان مطابق ملاقات دوران وفد جاري سيف ڊجيٽل انوائرمينٽ پروگرام، تي روشني وڌي جنهن جو مقصد پاڪستاني شهرين کي غلط ??اڻ ۽ نفرت انگيز بيانن کان بچا??ڻ ۽ انهن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌ??ئي بااختيار بڻائڻ آهي. هي پروگرام جيڪو مارچ 2023ع کان ڪم ڪري رهيو آهي، حڪومت کي پاليسي سازي، خاص طور تي آن لائين نفرت ۽ غلط ??اڻ سان لاڳاپيل ايرياز ۾ مضبوط مدد فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڇڪائيندو آهي. وفد پنهنجي جاري جاچ ۽ پاليسي بريف بابت آگاهه ڪيو جيڪو انهن چئليجن سان منهن ڏيڻ ۽ حڪومت جي ڪوششن ۾ مدد لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو هو. وفد پاڪستان ۾ حقيقتن جي جاچ پڙتال جي آزاد پليٽ فارمز جي ترقي تي به ڳالهيون ڪيون جيڪي آن لائين مواد جي تصديق ۽ غلط ??اڻ جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ اهم ??هن. هن غلط ??اڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ يو اين ڊي پي ذريعي تيار ڪيل آءِ ويريفاءِ ٽول متعارف ڪرايو جنهن کي آءِ بي اي ۾ سينٽر فار ايڪسيلينس ان جرنلزم ذريعي پاڪستان ۾ لاڳو ڪيو ويندو. هي ٽول غلط ??اڻ کي منهن ڏيڻ ۾ سرڪاري کاتن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي تنظيمن جي مدد ڪندو. وفد ميڊيا جي اهلڪارن، شاگردن ۽ عورتن کي معلومات جي آن لائين تصديق ڪرڻ بابت تربيت ڏيڻ جي قدمن جو خاڪو به پيش ڪيو. هو سڄي پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ ورڪشاپس منعقد ڪري رهيا آهن ۽ شاگردن کي ڊجيٽل سيفٽي ۽ فيڪٽ چيڪنگ ۾ ضروري مهارتن سان آراسته ڪري رهيا ??هن. يو اين ڊي پي جي وفد جاري ۽ مستقبل جي تربيتي سيشنز تي ڳالهيون ڪيون جنهن جو مقصد ججن، عام لاڳاپن جي آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارن جي مهارتن کي وڌ??ئڻ آهي. هي سيشن غلط ??اڻ، ڊجيٽل تعليم ۽ اثرائتي مواصلات کي سمجهڻ ۽ ان کي منهن تي اهي. هي پروجيڪٽ آن لائين نفرت ۽ غلط ??اڻ جو مقابلو ڪرڻ ۾ مصروف اهم سرڪاري ادارن ۽ عهديدارن کي بااختيار به بڻائڻ چاهي ٿو. وفد وفاقي وزير کي پارليامينٽرينز ۽ سول سوسائٽي سان گڏ ان جي اعليٰ سطحي مصروفيتن بابت آگاهه ڪيو ۽ ڊجيٽل سيفٽي تي تحقيق ۽ پاليسي سازي جي حوصلا افزائي ۾ انهن مصروفيتن جي اهميت تي زور ڀريو. هن هڪ ماحولياتي نظام ٺاهڻ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار به ڪيو جنهن ۾ سندس ڪوششن کي برقرار رکڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبا شامل هجن ۽ پاڪستان ۾ هڪ مثبت ڊجيٽل ماحول کي يقيني بڻايو وڃي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ ڊجيٽل تعليم کي وڌ????ڻ ۽ غلط ??اڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ ان جي تربيتي پروگرامن جي اهميت تي زور ڀريندي يو اين ڊي پي جي سهڪار کي ساراهيو. هن چيو ته اها ڪوشش شهرين جي ذميوارين سان ڊجيٽل دنيا ۾ وٺي وڃڻ لاءِ بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وفاقي وزير انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ هڪ محفوظ ڊجيٽل ماحول کي هٿي وٺائڻ لاءِ يو اين ڊي پي سان ويجهي سهڪار لاءِ وزارت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.