ڪوئٽا -26 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي موسيٰ ??يل ۾ هٿياربندن 23 مسافرن کي گاڏين مان لاهي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان ف??ار ٿي ويا. ضلع موسيٰ ??يل جي سپرنٽينڊنٽ پوليس ايوب اچڪزئي موجب واقعو پنجاب بلوچستان جي قومي شاهراهه تي راڙاشم ويجهو پيش آيو. ايس پي شهرين جي مارجڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ان واقعي ۾ 23 ڄڻن کي گاڏين مان لاهي قتل ڪيو ويو. ايس پي موسيٰ ??يل ايوب اچڪزئي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته لاشن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايوب اچڪزئي ٻڌايو ته هٿياربند پنجاب سان تعلق رکندڙ 6 ماڻهن کي مسافر گاڏين مان لاٿو جڏهن ته باقي 17 ڄڻن کي ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪن مان لاهي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ کين ف??ئرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. موسيٰ ??يل ۾ جنهن هنڌ هي واقعو پيش آيو اتي هٿياربندن بي رحماڻي ڪارروائي کان پوءِ 10 کان وڌيڪ گاڏين کي به باهه ڏئي ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند شاهراه تي ن??ڪو لڳائي مسافرن کي بسن ۽ ٽرڪن مان لاهي سڃاڻپ کان پوءِ قتل ڪري ڇڏيو.