من??ڪ-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ پارلياماني را??طن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته ??ومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ??ارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بيلاروس جي هم منصب ايگور سر گينڪو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اسپيڪرن گڏيل طور تي پارليامينٽ ۾ را??طن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. سردار اياز صادق ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ??اڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ د??ست??ڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن. هن چيو ته ??ارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن ۾ وڌيڪ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسپيڪر پاڪستان جي پارلياماني وفد جي والهاڻي استقبال ۽ مهمانوازي تي بيلاروس جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو. بيلاروس جي اسپيڪر، سردار اياز صادق ۽ ساڻس گڏ آيل پارلياماني وفد جو بيلاروس جو دورو ڪرڻ تي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ??اڪستان جي پارلياماني وفد جو تازو دورو ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته بيلاروس پاڪستان سان پنهنجي ويجهي د??ست??ڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان موقعي تي ٻنهي اسپيڪرن ويجهي تعاون ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. بيلاروس جي اسپيڪر عالمي فورمن تي پاڪستان طرفان بيلاروس جي حمايت تي شڪريو به ادا ڪيو.